اسلام عليڪم دوستون! اڄ جو هي موضع تمام خاص آهي ڇو تہ هن پوسٽ ۾ اسين بلاگر ٿيهم ۾ سنڌي فونٽ انسٽال ڪنداسين، ڪافي اهڙا دوست آهن جيڪي سنڌي ۾ بلاگنگ ڪرڻ چاهين ٿا، پر مسئلو اهيو هوندو آهي ته سنڌي بلاگ لاءِ سنڌي بلاگر ٿيهم ڪٿان آڻيو؟ آءُ اڄ انهي مئسلي جو حل ٻڌائيندس تہ توهان ڪئين ڪنهن بہ بلاگر ٿيهم ۾ آساني سان سنڌي فونٽ ايڊ ڪري سگھو ٿا.
ڪهڙي ٿيهم جو چونڊ ڪريو سنڌي بلاگنگ لاءِ؟
جنهن تہ دوستون مون توهان کي سمجھائڻ لاءِ هن ٿيهم جو استعمال ڪيو آهي.
ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
ٿيهم کي ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان کي ٿيهم کي نوٽ پيڊ يا ورڊپيڊ ۾ ايڊيٽ ڪرڻو آهي ڪجهہ هن طرح سان مون ورڊپيڊ ۾ اوپن ڪيو آهي.
انهي کان پوءِ توهان کي Replace تي ڪلڪ ڪري What font ۾ وڃي font-family لکهي سرچ ڪرڻو آهي جنهن مون تصوير ۾ مينشن ڪيو آهي.
جڏهن توهان اهيو لکهي ٻہ دفعا Enter پريس ڪندا تہ توهان کي Ruda نالي فونٽ ملندو، هاڻي توهان کي Ruda فونٽ ڪاپي ڪري What font ۾ پيسٽ ڪرڻو آهي ۽ Replace with ۾ توهان کي Lateef لکهي Replace all تي ڪلڪ ڪرڻو آهي ڪجهہ هن طرح سان.
هاڻي جڏهن توهان ٻهير font-family لکهي سرچ ڪندا ته توهان کي Courier New', Courier, monospace نالي جو فونٽ ملندو جنهن کي توهان پڻ Lateef فونٽ ۾ ريپليس ڪندا هن ريت سان.
۽ ٻيو وري Find ۾ وڃي Open Sans سرچ ڪريو ۽ ان کي به Lateef فونٽ سان ريپليس ڪريو هن طرح سان
هاڻي توهان h1 لکهي ٻه دفعا Enter پريس ڪندا ته Oregano', cursive نالي فونٽ ايندو جنهن کي توهان پڻ Lateef فونٽ سان ريپليس ڪندا
هاڻي توهان جي ٿهيم سنڌي ۾ ڪنورٽ ٿئي وئي آهي ڪاپي ڪريو ۽ وڃي بلاگرTheme ۾ Edit html ۾ وڃي سڄي ڪوڊ سليڪٽ آل ڪري ڊليٽ ڪريو ۽ ڪاپي ڪيل ڪوڊ پيسٽ ڪري Save ڪريو ۽ ويو بلاگ ڪندا ته رسلٽ توهان جي سامهون آهي.
توهان جي ٿيهم بلڪل تيار آهي هتي ڪلڪ ڪري توهان رسلٽ ڏسي سگھو ٿا، هاڻي ان ۾ توهان Read more واري جاءِ تي ڏسندا ته هن ڪجهه عجب لکهيل آهي ان کي ڪئين صيحح ڪندا؟ ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ توهان Edit html ۾ ويندا ۽ Ctrl+F پريس ڪري read more لکهي سرچ ڪندا ته ڪوڊ اچي ويندو ۽ ان کي توهان ريپليس ڪندا "وڌيڪ پڙهو" سان وڌيڪ تصوير ۾ سمجھي سگھو ٿا.
هاڻي توهان جو ڪم مڪمل ٿئي چڪو آهي پنهنجا خيال پيش ڪريو دنيا جي اڳيان پنهنجي زبان سنڌي ۾.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں